Tuesday, August 2, 2016

سچن جي سرڪش اڏول ڇاتي جهڪي نه سگهندي جهري سگهي ٿي.
صداقتن جي سجن جي ٽانڊي اوهان جي اک به هري سگهي ٿي.
چٻن جي منهن ۾ ٿڌي چانڊوڪي ڀري ٿي مرچون ڀلين ته ڀرڄن.
اوهان به پنهنجون ٽلون وڙهايو ڏسون اوهان جا حويليون ٿاڻا.
اوهان جا ڦٽڪا اوهان جا پترا ٻيا ڪي آڻا ٻيا ڪي ماڻا.
اسان جي موڪل اٿو ته ڪريو سڀاڻي جيڪي اوهان کان سهجي.
ائين نه ٿي جو سڀاڻي تنهنجو اگهاڙو لاشو گلين ۾ رهجي.
ڪتن جي اڳيان ڳجهن جي اڳيان خوار ڏاڍو خراب ٿيندو.
اهو ته ٿورو ويچار ظالم ڪڏھن گليءَ مان گلاب ٿيندو.
شھيد جو رت چوي ٿو قاتل ڦڙي ڦڙي جو حساب ٿيندو.