Saturday, November 14, 2020

Education

 

ٿرپارڪر (رپورٽ: دولت ٿري) تعليم کاتي ٿرپارڪر جي اڳوڻي اي ڊي او ليلارام مالهي پ پ پ جي گذريل دور ۾ يعني 2012ع جي هڪڙي سال ۾ سياسي آشيرواد ۽ رشوت عيوض مبينا طور تي ٽوٽل 290 غيرقانوني ۽ جعلي ڀرتيون ڪيون هيون. گريڊ هڪ کان پندرهين گريڊ تائين ٿيل مذڪوره جعلي ڀرتين بابت چيو وڃي ٿو ته انهن 290 ڄڻن جي لسٽ وزيراعليٰ هائوس مان اوڪي ٿي آئي هئي ۽ انهن ڀرتين بابت ڪنهن به اخبار وغيره ۾ اشتهار نه ڏنو ويو هو ۽ نه ئي ٻيون ڪي قانوني گهرجون پوريون ڪيون ويون هيون، جڏهن ته انهي کان اڳ به اهڙي قسم جون هر سال ڀرتيون ٿينديون رهيون آهن، جن ڀرتين بابت چيو ويندو هو ته اهي لسٽ سي ايم هائوس مان اوڪي ٿي آيون آهن ۽ وزيراعليٰ هائوس جي مبينا منظوري ڄاڻائي، اهڙي قسم جون ضلعي جي هر کاتي ۾ ڀرتيون ڪيون ويون آهن ۽ اڃا تائين اهو سلسلو هلندڙ آهي. رڪجڻ ۽ ختم ٿيڻ جو ڪٿي نالو ئي نٿو وٺي. 2012ع ۾ تعليم کاتي ٿرپارڪر ۾ ٿيل اهڙين مبينا جعلي ڀرتين ۾ 15 گريڊ ۾ 4 ڄڻا، 9 گريڊ ۾ 252 ڄڻا ۽ 1 گريڊ ۾ 34 ڄڻا شامل آهن، جڏهن ته مذڪوره 290 ڄڻا گذريل ٽن سالن کان قومي خزاني کي ٻنهي هٿن سان لُٽي رهيا آهن ۽ جاچ دوران انهن ملازمن ما ڪافي ڄڻن جا ڪاغذ ۽ ڊگريون سڀ جا سڀ جعلي ۽ بوگس ثابت ٿي چڪا آهن، پر ميڊيا ۾ بار بار خبرون اچڻ باوجود ڪو به واسطيدار اختياري وارو انهي غيرقانوني عمل جو نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ڪونهي. ضلعي ٿرپارڪر جي تعليم کاتي ۾ 2012ع ۾ ڊي اي او ليلارام مالهي پاران سياسي آشيرواد سبب جيڪي غيرقانوني ۽ جعلي ڀرتيون ڪيون ويون آهن، انهن ملازمن جي هٿ آيل لسٽ موجب: پندرهين گريڊ جي چئن ڄڻن ۾ مهتاب راءِ پٽ ميٺارام، آنند ڪمار پٽ چندر ڪمار، منوج ڪمار پٽ کينپال ۽ راجيش ڪمار پٽ ارجن ڪمار شامل آهن، جڏهن ته نائين گريڊ جي 252 ڄڻن ۾ ڪماري پوڄا ڌي شامداس، جوتي واسو ڌي/پٽ مدن لال، جئه ديو ڪمار پٽ جيٺانند، پريم ڪمار پٽ ارجن ڪمار، پرديپ ڪمار پٽ پرتاب راءِ، ڀرت ڪمار پٽ پرتاب راءِ، ديپڪ پٽ ليکراج، حبيب الله پٽ دودو خان، شاهه نواز پٽ چنيسر، ڀيشم ڪمار پٽ ساجن داس، منوج ڪمار پٽ رويشنڪر، جيتيش ڪمار پٽ رشي، دروپتي، ڌي نرينڌر ڪمار، راجيش ڪمار شيواداري، دوست علي پٽ غلام علي، تنُو مل پٽ نينُو مل، تيجو پٽ ڏونگرو، عبدالقادر پٽ جان محمد، قيمت راءِ پٽ پرڀو لال، مير محمد پٽ محمد عاقل، غلام الله پٽ محمد يوسف، مقبول احمد پٽ آچار، ويدوياس پٽ راڻو مل، اشوڪ ڪمار پٽ پرڀو لال، حاجران ڌي محمد صديق، ڪشور پٽ تاراچند، شهديو پٽ آسن داس، منوج ڪمار پٽ پرڀو لال، ڀرت ڪمار پٽ چمن لال، پرديپ ڪمار پٽ سونجي مل، تاراچند پٽ پيتامبر داس، ڀويتا ٻائي ڌي شامداس، اشوڪ ڪمار پٽ جئه ڪرشن، رميش ڪمار پٽ کجورو مل، راجيش ڪمار پٽ چمن لال، سريش ڪمار پٽ مدن لال، مڪيش ڪمار پٽ جيوراج، پشپا ديوي ڌي سترام داس، ريواچند پٽ لڇوجي، راج ڪمار پٽ آتمارام، راجيش ڪمار پٽ پهلاج مل، جئه ونتي ڌي هوتچند، غلام فاروق پٽ جمالدين، مڪيش ڪمار پٽ ساڌو مل، خليق الزمان پٽ پنيل، هريش ڪمار پٽ مگهارام، امن ڪمار پٽ دليپ ڪمار، پشپا ڪماري ڌي سسپال، غلام مرتضيٰ پٽ محمد رمضان، سنگيتا ڌي پيرو مل، محمد يونس پٽ هوندل خان، ارجن ڪمار پٽ مانو مل، شوڪت علي پٽ درياءَ خان، علي غلام پٽ غلام محمد، مينا ڪماري ڌي فرسرام، محمد ايوب پٽ آچار خان، ڀيرو لال پٽ ٽلو مل، اوم پرڪاش پٽ ڀمرلال، مير علي پٽ محمد دائم، حبيب الله پٽ سلطان، محمد رحيم پٽ علي محمد، عبدالغني پٽ محمد احسان، ذوالفقار علي پٽ محمد حسن، ويدوياس پٽ ريجهو مل، واحد بخش پٽ محمد ابراهيم، حبيب الله پٽ محمود، ديا ٻائي ڌي امولک، ڪوشليا ڪماري ڌي موهن لال، موهن لال پٽ ڏيون مل، ڀڳوان داس پٽ ٽيڪچند، هيتيش ڪمار پٽ سريش ڪمار، سنديش ڪمار پٽ هريش ڪمار، تماچي پٽ ڪونڀجي، سباش چندر پٽ جيرام داس، درشن لال پٽ جگو مل،  پرمانند پٽ موتي، عبدالعزيز پٽ محمد امين، هريش بابو پٽ لدڪ مل، چندر ڪمار پٽ راڻو مل، اوم پرڪاش پٽ رانجهو مل، آمنه ڌي عبدالستار، صوبدار پٽ احسان، عبدالرحمان پٽ عبدالله، پهلاج پٽ رڻمل، ونهيل پٽ محمد عالم، احسان پٽ يامين، محمد عيسيٰ پٽ ٻڍو خان، محمد رمضان پٽ الله ڏنو، حسنين علي شاهه پٽ فخرالدين شاهه، ڀرت پٽ ڀيرو لال، گووند ڪمار پٽ چمن لال، ڪشور ڪمار پٽ ڀواني لال، ڀنيش ڪمار پٽ جئه رام، ڪمليش ڪمار پٽ ڀواني شنڪر، برهان پٽ دين محمد، امير حسين پٽ شهمير، خانجي پٽ لاکو مل، عزيز الله پٽ محمد حيات، عابد علي پٽ محمد هاشم، راجيش ڪمار پٽ اوگومل، حيات پٽ محمد، محمد ملهار پٽ محمد موسيٰ، محمد شريف پٽ محمد مريد، ساگر پٽ اشوڪ، قيوم پٽ مصري، ميا ٻائي ڌي ڪمل ڪمار، اشوڪ ڪمار پٽ موهن لال، محمد صيفل پٽ فقير ولي محمد، اشوڪ ڪمار پٽ منجو، مڪيش ڪمار پٽ پيرو، پرتاب راءِ پٽ لڌو مل، قربان علي پٽ خدا بخش، رحمت الله پٽ سليمان، عبدالرحمان پٽ علي محمد، نور نبي پٽ عبدالخالق، مڪيش ڪمار پٽ موهن لال، منجولا ٻائي ڌي ٿرپال داس، اُرملا ٻائي ڌي مڪيش ڪمار، محمد سليم پٽ مهراج، هريش ڪمار پٽ هاٿي رام، نندلال پٽ ديال چند، احمد علي پٽ محمد طالب، ذوالفقار علي پٽ دوسو، ڪرمچند پٽ امرومل،ڪريم بخش پٽ ميرمحمد، هوتچند پٽ ٽيڪم داس، نرسنگهه پٽ ڌنو مل، نواز علي پٽ منگيو، رميش ڪمار پٽ راڻسنگهه، قربان علي پٽ محمد رحيم، شوڪت علي پٽ جلال الدين، عطا محمد پٽ صوبدار خان، اصغر علي پٽ سراج الدين، وسايو پٽ صالح، عبدالجبار پٽ محمد اويس، قلندر بخش پٽ محمد سومار، جيتيندر پٽ بنسيڌر، نور محمد پٽ سائينداد، محمد علي پٽ متارو، خليق الزمان پٽ محمد رحيم، اسد علي پٽ عبدالحئي، پون ڪمار پٽ سريش، جئه پراڌا ڌي/پٽ گهنشام داس، رميش ڪمار پٽ سروڻ، محمد ساجن پٽ محمد برهان، سنجئه ڪمار پٽ چمن لال، عبدالطيف پٽ لال محمد، غلام مصطفيٰ پٽ هوت خان، نول راءِ خاڪو مل، عبدالروف پٽ جادم علي، امير علي پٽ مير محمد، تاج محمد پٽ محمد حسن، امير حسن پٽ شوڪت علي، تيرٿ ڪمار پٽ وينجهراج، عبدالعزيز پٽ محمد صالح، عبدالحئي پٽ محمود، عبدالحق پٽ محمد ملوڪ، عبدالڪريم پٽ محمد سومار، عبدالطيف پٽ حاجي اوڀايو، عبدالمجيد پٽ محمد سليم، عبدالقيوم پٽ عبدالله، عبدالرزاق پٽ حميد، عبدالسلام پٽ محمد کٽي، عبدالستار پٽ محمد حسن، عبدالواحد پٽ اميرعلي، ابوبڪر پٽ عبدالرحيم، احمد علي پٽ فضل الدين، علي اڪبر پٽ وسايو، علي اصغر پٽ محمد حسين، علي محمد پٽ ڀورو، علي محمد پٽ محمد سهراب، الهجڙيو پٽ عبدالمالڪ، الله الدين پٽ عبدالله،امين محمد پٽ علي محمد، آمنه ڌي محمد سليمان، امير علي پٽ جان محمد، امير حسن پٽ امين محمد، ارباب علي پٽ ليمون، برڪت الله پٽ نيڪ محمد، ڌڻي بخس پٽ امير بخش، فقير جان محمد پٽ ولي محمد، غلام مصطفيٰ پٽ آدم خان، غلام رسول پٽ محمد حسن، غلام رسول پٽ شير محمد، حاجي احمد علي پٽ محمد عاقل، حاجي پٽ سائينداد، حاجران پٽ الهجڙيو، حاڪم علي پٽ سهتو، حميره ڌي محمد هاشم، حسين پٽ اسحاق، اسحاق پٽ عبدالله، جئسپال پٽ ويدوياس، جميل احمد پٽ دودو خان، ڪليم الله پٽ الهبچايو، ڪرم علي پٽ الهڏنو، خير محمد پٽ محمد اڪبر، لياقت علي پٽ حبيب، لياقت پٽ وريام، مهيش ڪمار پٽ کينپال داس، ميانداد پٽ علي خان، ممتاز علي پٽ ڪمال، معراج پٽ ارباب، مينهل پٽ دوس محمد، مير محمد پٽ دودو، محمد ايوب پٽ عبدالله، محمد رفيق پٽ انورعلي، مسٽر يعقوب پٽ الهڏنو، مهمد حسن پٽ سڀاڳو خان، محمد عالم ٽ محمد عثمان، مهمد پٽ الهورايو، محمد ايوب پٽ محمد اسحاق، محمد حنيف پٽ لعل خان، محمد اقبال پٽ قائم الدين، محمد اسماعيل پٽ محمد مٺن، محمد علي پٽ دلدار خان، محمد سليم پٽ هوت خان، محمد سومار پٽ برهان الدين، محمد يعقوب پٽ محمد الياس، نالي چڱو پٽ محمد اسحاق، ننگر پٽ الهبچايو، نسيمه ڌي دودو، نورمحمد پٽ حبيب الله، پروين ڌي الهڏنو، قمرالنساء ڌي عطا محمد، قمرالنساء ڌي محمد انور، ربڏنو پٽ جلال الدين، رب نواز پٽ غلام محمد، رضيه ڌي محمد شفيع، سمينه ڌي غلام حسين، ثناءُ الله پٽ سڳورو، شڪيل الرحمان پٽ عبدالڪريم، شوڪت علي پٽ محمد هاشم، سڪيلڌو پٽ نصرالله، سلطان پٽ شريف، سيد مقيم شاهه پٽ احمد علي شاهه، طارق عزيز پٽ دري خان، تسڪين اقبال پٽ محمد اقبال، ياسينه ڌي رحمت الله، شهاب الدين پٽ محمد سليم، اسلام الدين پٽ دين محمد، مطلب پٽ جمال الدين، پارس ڄام ڌي/پٽ ڄام ساقي، ذيشان پٽ محمد ابراهيم، عبدلقيوم پٽ عبدالڪريم، اصغر علي پٽ محمد مبين، صابر علي پٽ نهال، غلام حسين پٽ جمعو خان، نظام الدين پٽ جان محمد، منيش ڪمار پٽ سردارو مل، عزيزالله پٽ تراب علي، سبين ڌي/پٽ انور علي ۽ فقير محمد پٽ محمد قاسم شامل آهن. جڏهن ته هڪ گريڊ جي 34 ڄڻن ۾ نگجي پٽ ڏاهيو، هارون پٽ الهجڙيو، عارب پٽ محب علي، ڪيشولال پٽ هريرام، محمد ايوب پٽ محمد حسين، سروپچند پٽ راڻو مل، عمران پٽ انور علي، اشرف پٽ هاشم، منظور پٽ لونگ خان، محمد عثمان پٽ عارب علي، وريام پٽ لعل محمد، محمد يعقوب پٽ عبدالرحمان، اشرف علي پٽ امير علي، علي محمد پٽ محسن، عبدالشڪور پٽ سهراب، موهن لال پٽ ڀيمون، شوڪت علي پٽ محمد الياس، عبدالطيف پٽ امام علي، جميل پٽ سومرو، محمد هاشم پت عنايت، فريد احمد پٽ جمعو، ملوڪ پٽ پيرو، سوائي سنگهه پٽ سروپ سنگهه، واسديو پٽ نانڪ رام، خميسو خان پٽ محمد علي، محمد ابراهيم پٽ مير حسن، جوجهو پٽ ڏيسرجي، محمد حنيف پٽ فيض محمد، جبل سنگهه پٽ ڪاروباهه، مڪيش ڪمار پٽ موهن لال، محمد صديق پٽ محمد حسين، لوڪمار پٽ گهنشام داس، محمد جمن پٽ الهڏنو ۽ رميش پٽ مهندرو شامل آهن، جڏهن ته انهن جعلي ڀرتين ۾ حڪومتي ڌر سان واڳيل ضلعي ٿرپارڪر جي تقريبن سڀني بااثرن ۽ ڪامورن جا پٽ ۽ نياڻيون شامل آهن. حڪومتي ڌر جي اهڙن ماڻهن ۽ ملازمن ۾ ڪرپٽ ڪلارڪ راڻسنگهه ڀيل، هاشم هنگورجو، رمضان سميجو، ڊاڪٽر چمن شرما، ڪلارڪ ڀواني لال سونارو، ڊي ايڇ او آفيس مٺي جي ملازم غلام محمد جوڻيجو جا مائٽ، شامداس، پرتاب راءِ، ارجن ڪمار، چمن لال ۽ ٻيا شامل آهن. لسٽ ۾ هڪڙي پيءُ جا ٻه ٻه پٽ ۽ نياڻيون شامل آهن، هاڻ خبر نٿي پوي ته اهي الڳ الڳ ذاتين جا آهن يا ماڳهيئن هڪڙي پيءُ جو اولاد آهن، جيئن راجيش ڪمار پٽ ارجن ڪمار 15 گريڊ ۾ ۽ پريم ڪمار پٽ ارجن ڪمار گريڊ 9 ۾، ڪماري پوڄا ڌي شامداس 9 گريڊ ۾ ايس ايل ٽي ۽ ڀويتا ٻائي ڌي شامداس گريڊ 9 ۾ ڊي ٽي. قيمت راءِ پٽ پرڀو لال، اشوڪ ڪمار پٽ پرڀو لال ۽ منوج ڪمار پٽ پرڀو لال ٽئي ڄڻا پرڀو لال جا پٽ ۽ 9 گريڊ ۾ ڊي ٽي. پرديپ ڪمار پٽ پرتاب راءِ گريڊ 9 ۾ ۽ ڀرت ڪمار پٽ پرتاب راءِ به گريڊ 9 ۾ ۽ اي ڊبليو آءِ. نور محمد پٽ سائينداد ۽ حاجي پٽ سائينداد ٻئي ڄڻا گريڊ 9 ۾. ۽ اهڙي قسم جا انهي لسٽ ۾ ڊبلنگ ۾ ٻيا ڪيترائي نالا موجود آهن. مبينا طور ٿيل انهن جعلي ڀرتين بابت تعليم کاتي ٿرپارڪر جي هڪ آفيسر پنهنجو نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته مذڪوره 290 ملازمن واري لسٽ ۾ تقيربن سڀ جا سڀ جعلي آرڊر آهن. انهن ملازمن مان ڪافي ڄڻن جون تعليمي سندون ۽ ڊگريون به جعلي آهن، جيڪي يونيورسٽين ۽ بوردن مان ڪرايل جاچ ۽ ويريفڪيشن دوران جعلي ثابت ٿي چڪيون آهن، پر پوءِ به اهڙن جعلي ملازمن ۽ ڀرتي ڪندڙن خلاف ڪا به ڪاروائي نه ڪئي وئي آهي ۽ اهي ٻنهي هٿن سان قومي خزاني کي لُٽي رهيا آهن. آفيسر موجب اهڙي قسم جون هن جمهوري دور ۾ جام ڀرتيون ٿيون آهن. تعليم کاتي سميت هر کاتي ۾ ڀينگ لڳي پئي آهي. ڪير به پڇڻ وارو ڪونهي. ٻئي پاسي تعليم واري سيڪريٽري فضل الله پيچوهو جو ميڊيا ۾ رپورٽ ٿيل موقف موجب، ته سنڌ ۾ 2012ع ۾ جام جعلي ڀرتيون ٿيون آهن، جنهن جي نيب جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ انهي سلسلي ۾ اسان کان جيڪو رڪارڊ گهريو پيو وڃي، اهو اسين کيس مهيا ڪري رهيا آهيون. هوڏانهن جاچ پڙتال دوران پتو پيو آهي ته ڪرپٽ ڪامورو ليلارام مالهي تعليم کاتي ٿرپارڪر ۾ 2008.9ع کان وٺي 2015ع تائين هتي مٺي ۾ مقرر ٿيل هو ۽ هن سياسي آشيرواد ۽ پنهنجن من پسند ڪرپٽ ڪلارڪن جي ٽولي جي ملي ڀڳت سان هڪ هزار کان وڌيڪ جعلي ڀرتيون ڪيون ۽ ٻه سال اڳ مٺي ۾ پنهنجن من پسند ماڻهن کي تعليم واري صوبائي وزير نثار کهڙي هٿان به ڏهه ٻارهن جعلي آرڊر ڏياريا هئا. انهي کان علاوه تعليم کاتي ۾ ورلڊ بئنڪ، ايس ايم سي جي فنڊن ۽ مخصوص تعليمي بجيٽ سميت جعلي ڀرتين ۽ ٻين مختلف مدن ۾ مبينا طور تي ٽيهه ڪروڙ روپين جي ڪرپشن ڪئي. اينٽي ڪرپشن سميت ڪيترن ئي ادارن ۾ انڪوائريون به هلندڙ آهن ۽ ڪيس به داخل ٿيل آهن. سندس نالو ڪرپٽ ڪامورن جي لسٽ ۽ اي سي ايل ۾ پڻ شامل آهي. ٻئي طرف فيس بوڪ تي استاد لياقت ميراڻي، مذڪوره ڪرپٽ ڊي اي او بابت 3 اپريل 2015ع تي لکيو هو ته ٿرپارڪر جو مشهور زمانه ڪرپٽ تعليم کاتي جو سابق اي ڊي او ليلارام جيڪو آهي ته بيورو آف ڪيريڪيولم ڄامشورو جي، پر مال کارائڻ جي ڪري سدائين سڻڀين پوسٽن تي رهيو آهي. اهڙو حرام خور راشي آهي جو، سيشن 2008.09ع ۾ ٿرپارڪر جي اسڪولن جي فرنيچر لاءِ آيل 2 ڪروڙ ڏهه لک مان هڪڙي بينچ به نه ورتي. اسڪول جي سائينس جي مٽيريل لاءِ آيل هڪ ڪروڙ 75 لک مان ڪو سائينس جو هڪڙو اوزار به نه ورتو. ڪوڙا بل ٺيڪيدار سان ويهي ڪري، هوٽل سٽي گيٽ ۾ ٺاهيا. وڏيرن جو بهترين چمچو، نااهل..... ليلارام پير مظهر کي اهڙو ته هٿ آيو، جو هر ٽيئن مهيني پير جو سيڪريٽري فون ڪري چوندو هو ته 8.10 لک پهچائي، نه ته بدلي ٿا ڪريون ۽ پوءِ هي مال کڻي ڪراچي پهچندو هو. عبدالوهاب عباسي وانگر هي الائي ڪڏهن گرفتار ٿيندو.؟ ٻئي طرف ڪجهه مهينا اڳ ٿر جي ناليواري شاعر شوڪت تبسم فيس بوڪ تي مذڪوره جعلي ڀرتين بابت لکيو هو ته لسٽ ۾ هڪ گريڊ کان علاوه باقي 256 ملازم سڀ جا سڀ جعلي ۽ انهن مان ڪافي ڄڻا بااثرن جو اولاد به  آهن، جڏهن ته مذڪوره لسٽ جي بنياد تي هڪ ڪامريڊ آفيسرن کي بليڪ ميل کانئس 15 لک روپيه رشوت ورتي ۽ هڪڙي همراهه ته آفيرسن کي بليڪ ميل ڪري کانئس هڪ نوڪري به ورتي. هوڏانهن ڪروڙين روپين جي ڪرپشن جي الزام هيٺ آيل اڳوڻي اي ڊي او ليلارام مالهي سان ٽيليفون تي بار بار رابطي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر ساڻس رابطو ٿي نه سگهيو.، پر تعليم کاتي جي ذريعن کان اهو عام ٻڌو ويو آهي ته ليلارام مالهي مٺي ۾ مقرري دوران هرڪنهن کي اهو ئي چوندو هو ته ايتري ڪنهن جي پين ۾ مس به ناهي جو هو مون کي معطل، سسسپينڊ يا نوڪري تان برطرف ڪري سگهي. ڪير منهنجي ڪرسي کي هِلائي ته ڏيکاري.؟ مٿي هلندي آهي تڏهن ايڏي ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ڪريان ٿو، نه ته ٻيو ڪير ايڏي ڪرپشن ڪري ڏيکاري.؟ مٿي به مال کارائڻو پوي ٿو، تڏهن ويٺو آهيان، نه ته انهي کان اڳ هليو ڪو نه وڃان ها.! واضح رهي ته مٺي ۾ اهي چوٻول عام آهن ته ليلارام مالهي انڪوائرين کان بچڻ لاءِ هڪڙي سياسي ڌر کي ٻه ٽي وي آءِ پي گاڏيون گفٽ ڪيون هيون ۽ پنهنجي خلاف ڪرپشن جون درخواستون ڪندڙ ٻن ٽن ڄڻن کي لکين روپيا رشوت ڏئي خاموش ڪرايا هئا. ٿر جي ساڃاهه وند ڌرين تعليم کاتي جي صوبائي وزير سميت نيب ۽ اينٽي ڪرپشن اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته اڳوڻي اي ڊي او مٺي ليلارام مالهي ۽ سندس ساٿي ٽولي خلاف ڪرپشن ۽ فراڊ جا ڪيس داخل ڪري کين هڪدم جيل حوالي ڪيا وڃن ۽ کانئس ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ۽ فراڊ جو پئسو واپس ڪرائي قومي خزاني ۾ جمع ڪرايو وڃي.

دولت ٿري