Thursday, April 4, 2019

پراڻن شھرن جا نالا

شهرن جا پُراڻا نالا

اڄ اچو ٻارو! شهر پنهنجا گھُمون
سنڌ کي ماضيِءَ جِي ڳڙکيءَ ۾ ڏسُون

هي ڪراچي مورڙَي جو آ وطن
سو سڏائِيندو ”ڪلاچِيءَ“ جو هو ڪُن

نانءٌ ”اَربِي“ آهه ”عربِي“ بحر جو
”چانڊڪا“ هو لاڙڪاڻَي شهر جو

آهه جو ڀنڀور تارِيخي شهر
دؤر ڪنهن ۾ سو هُيو ”ديبل بندر“

”برهمڻ آباد“ منصُوره هُيو
سنڌ جِي گادِي وڏو عرصو رهيو

جو لبِ مهراڻ تي آهي سکر
آ پُراڻو نانءٌ اُن تَرَ جو ”بَکر“

نانءٌ ٺٽي جو پُراڻو ڳولهبو
شهر 1سرمد جو هو ”ننگر“ ڪوٺبو

سنڌ جِي گادِي ڪڏهن مُلتان هو
پهرِين سيوهڻ شهر ”سَيوستان“ هو

”هالڪنڊِي“ نانءٌ هالن جو هُيو
شهر هِي سنڌُوءَ جَي ڪپ سان ٿي لڳو

هو ”اَمَر“ جو ”ڪوٽ“ جو پهرِين نگر
اڄ عُمرَ جو ڪوٽُ سڏجَي ٿو شهر

حيدرآباد آ رهيو گادِي جڏهن
ڪوٽ سو ”نيرُون“ سڏبو هو تڏهن

ڪيئن 2”ڪلهوڙآباد“ ٿِي وارِي وئِي
۽ ”مَٽَن وارِي“ ٿِي ”مٽيارِي“ وئي

نانءٌ جيڪب باد جو هو ”خان ڳڙهه“
غور سان تاريخ جو هر باب پڙهه!

هر شهر، هر ڳوٺ آهي بي مثال
سنڌ سارِي آهه بيحد باڪمال

ياد جيڪو پنهنجَي ماضيءَ کي رکَي
سوئي مستقبل کي ٿو لوچَي لھَي
------------------------------
1سرمد شهِيد2تعلقَي مورَي ۾ ”ڪلهوڙن جَي مقبرن“ وارو اُهو ماڳ، جتي مشهُور ڪلهوڙا حڪمران ميان نُور مُحمّد ڪلهوڙَي جو مقبرو به آهَي. ان ماڳ کي ”ڪلهوڙا آباد“ چيو وڃَي ٿو. اهو ڪڏهن سنڌ جِي گادِيءَ جو هنڌ به رهيو آهي

No comments:

Post a Comment