Tuesday, June 14, 2016

ماروي جي ملڪ ملير ۾ ڀٽوازم جي هڪ پيروڪار جو نئون جنم
اڄ جڏهن مون صبح سوير پنهنجي گهر جي مک دروازي مان ٻاهر قدم رکيو ته مونکي اڄ واري صبح ۽ ڪاله واري صبح ۾ وڏو فرق محسوس ٿيو، مون کي اڄ ٻاهر جي هوا جي ايندڙ هر ننڍي وڏي لهر مان اهي سرگوشيون ٻڌڻ آيون جيڪي مون ننڍپڻ ۾ پنهنجي ڪلهي تي ٽن رنگن ڳاڙهي، ڪاري ۽ سائي جهنڊي کي جهولائيندي پنهنجو پاڻ سان سرگوشيون ڪنديون هئس.....ماروي ملير جي..بينظير بينظير،اڄ ته ٿي وئي ڀٽو ڀٽو....! اڄ مون سان ملي گذرندڙ هوا جو هر جهوٽوبس اهو ئي چوي پيو ته...ماروي ملير جي، بينظير بينظير.......مون جڏهن پهريون ڀيرو ”جئي ڀٽو“ جو نعرو هنيو هو ته مون کي ان نعري ۾ آيل لفظ ڀٽو جي خبر نه هئي..بس ان نعري ۾ هڪ سحر هو، هڪ ڪشش هئي، هڪ ڇِڪ هئي ۽ هڪ جادو هو......اهو سحر هر ايندڙ نسل ۾ پاڻ مرادو منتقل ٿي رهيو آهي.....بلڪل هڪ اهڙو سحر جنهن جي خود هڪ وڏي دنيا آهي،جنهن کي هتي ڪجه لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي،اڄ آئون ان نعري جي سحر هيٺ ئي پنهنجي سياسي زندگي جي نئين جنم جي شروعات ڪريان پيو، مهنجي اندر ۾ جيڪو ڀٽو ازم ويٺل آهي ان ڀٽو ازم جي سحر کي آئون صحرا جي خوشبو سمجهان ٿو، اها خوشبوءَ جنهن جي هر احساس ۾ هڪ امنگ، هڪ اميد، هڪ جوش، هڪ جذبو، هڪ ارپنا ۽ هڪ جدوجهد جو تسلسل شامل آهي، آئون اڄ ضلعي ڪائونسل جي ميمبر طور قسم کڻي رهيو آهيان، منهنجو اهو قسم صرف روايتي قسم ناهي، هن قسم ۾ هڪ وفا به شامل آهي ته هڪ وچن به.....وفا ان سحر سان...وفا ڀٽوازم سان..وفا شهيد راڻي بينظير ڀٽو سان، وفا شهزادي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان....۽ وچن ٿر جي ماروئڙن سان، ماروي جي ملڪ ملير جي ماڻهن سان...ته آئون ڀٽوازم سان وفا ڪندي توهان جي لاءِ پنهنجي وس آهر جيڪا به خدمت ڪري سگهيس ان ۾ ڪا به ڪوتاهي نه ڪندس، آئون چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو ٿورائتو آهيان جنهن مون جهڙي غريب جيالي تي اعتماد ڪندي ٿر جي ماروئڙن جي خدمت لاءِ چونڊيو آهي، ان سان گڏوگڏ پيپلزپارٽي ٿرپارڪر جي اڳواڻن ڊاڪٽر مهيش ملاڻي، فقير شير محمد بلالاڻي ۽ سشيل ملاڻي جو به ٿورائتو آهيان جن جي رهنمائيءَ منهنجي لاءِ مشعل راه آهي.

No comments:

Post a Comment