Saturday, June 4, 2016

تھرجا پکي

ٿر ۾ ڪيترن ئي نمونن جا پکي ٿين ٿا جن جا مکيه ٻه قسم آهن:
1- گهرو پکي: جي گهرن ۽ ڳوٺن جي پسگردائيءَ ۾ رهن.
2- جهنگلي پکي: جي جهنگ ۾ رهن.

گَهرو پکي
*مور: قداور، رنگين کنڀن سان پيارو ۽ سهڻو پکي ٿيندو آهي ۽اسان جي ٿر جي سونهن آ. مٿي تي چور ٿيندي اٿس، اُن جا کنڀ ڊگها ٿيندا آهن، جن سان ڪڏهن ڪڏهن خوشيءَ ۾ اچڻ وقت سهڻو ڇَترو کيڙو() ڪندو آهي. اهي کنڀ سياري جي شروعات ۾ کُسي ويندا آهن ۽ بعد ۾ نوان ڄمندا آهن. نانگ بلا جو سخت دشمن، ڏسڻ سان ئي ماري ڇڏيندو آهي. برسات وقت گوڙ ٻڌي دانهون ڪندو آهي. رات جو وڻن تي ويهندو آهي. ڳوٺن جي ڀرسان رهندو آهي، جتي وڻن جي گهاٽن ٻُٿن ۾ هيٺ پٽ تي زمين ۾ پاکولي ٺاهي مادي آنا لاهيندي آهي. ڪي ماڻهو مور جا ننڍا ٻچا جهلي پاليندا آهن.
۽ ڪي ماڻهو ڊيل جا آنا*ڪڪڙي: جي آنن ڀيڙا رکندا آهن جڏهن ڪڪڙي آري تي ويهندي آ تڏهن ٻچا ڪڍندي آ ۽ سانتيڪو گهرو پکي آهي. ڪڪڙيون جلد جلد آنا لاهينديون آهن، جن جا ماڻهو آنا تري کائيندا آهن. نر جي مٿي تي ڳاڙهي رنگ جي چور  ٿيندي آ  هلڪي ڪلنگي) ۽ ماديءَ جي مٿي تي ننڍي ٿيندي آهي. ٻليءَ کان ڏاڍو  ڊڄندو آهي. اونهاري ۾ رات    جو ڪي ماڻهو ڪڪڙن کي  ٻاهر ڊگهي ڪاٺيءَ تي ٺاهيل مارِهي (پيهي) تي ويهاريندا آهن ۽ سياري جو کُڏين ۾ بند ڪبو آهي. نانگ هن جو دشمن آهي.
*پاريهر: ان کي ڪبوتر ۽ پاليهر به چون. اُن جو رنگ نيرو سائو ۽ پير ڳاڙهي رنگ جا ٿيندا آهن. هي جهنگ ۾ ڪونه رهن پر ڳوٺن ۾ رهن. هنن کي جي روز داڻا اُڇلائي ڏبا ته پٽ تان واريءَ مان يڪدم چونڊي وٺندا. روزانو مقرر وقت تي وَلر اچي حاضر ٿيندو.
*جهرڪليون: گهرن ۾ رهنديون آهن. آنن لاهڻ وقت گهرن جي ڪکائن ڇتين ۾ آکيرا ٺاهينديون آهن، جن ۾ آنا لاهي ٻچا ڪنديون آهن. ٻچا جيستائين اُڏامڻ جهڙا ٿين تيستائين چوڳو آڻي آکيري ۾ کين کارائنديون آهن. گهرن ۾ پيون ٽپنديون، ڪڏنديون ۽ اُڏامنديون آهن.
*ڪانءُ: هيءَ ڪاري رنگ جو ٿيندو آهي. ننڍڙن ٻارن جي هٿن مان کاڌي جي شيءَ کسي ويندو آهي ۽ چالاڪ پکي آهي. وڻن جي ٽارين ۾ اهڙن مٿانهن هنڌن تي آکيرو ٺاهيندو آهي ۽ آنا لاهيندو آهي جتي ٿر جا ماڻهو پهچي سگهن تان ۽ ٻيو ڪوبه چڙهي پهچي نه سگهي. ڪوبه اُنهيءَ وڻ تي چڙهندو ته مادي اُن کي ٺونگا هڻي، ڪان ڪان ڪري ڏاڍو گوڙ مچائيندي آهي. هن پکيءَ کي ڪانگ به چوندا آهن.
*ڳيرو: ڪي رنگ جا ڳاڙهسرا ۽ قد ۾ لاٺيرا ۽ ڪي رنگ جا اڇيرا ۽ قدم ۾ البت وڏيڙا ٿين. ڳوٺن جي ڀرسان ميدانن ۾، گهرن ۽ گهٽين ۾ پيا ٽلڪندا اهن ۽ چوڳو ڪندا اهن. اڇيري ڳيري کي هولو به چون. وڻن ۾ ٿورا پر گهرن جي لوڙهن ۾ پنهنجا آکيرا ٺاهي آنا لاهيندا آهن. ماڻهو هن جو شڪار ڪندا آهن. هن جي ماديءَ کي ”پٽ ڳيري“ چئبو آهي، اُن جي ڳچيءَ تي چوڌاري ڪارسرون ليڪو ٿيندو آهي.

جهنگلي پکي
* تتر: هي جهنگ ۾ رهندا آهن. هڪ تتر ٻولي ڪندو ته ٻيا آسپاس وارا تتر به جواب ۾ ٻولي ڪندا. هي پنهنجو آکيرو جهنگ ۾ ڪنهن ٻُٿ ۾ پٽ تي واريءَ ۾ ٿورا ڪک رکي ٺاهي آنا لاهيندو آهي. آنا ڦوڙڻ سان ٻچا نڪرندا آهن، جي ماديءَ سان گڏ پيا ڊوڙندا ۽ چوڳو ڪندا آهن. اُڏوهي ۽ ننڍا جيت تترن جي خاص کاڌڏو آهي. ماڻهو ننڍا بَچا هٿ ڪري پاليندا آهن. کين پڃري ۾ بند ڪري رکندا آهن جتي داڻو ۽ چوڳو ڏيندا رهندا آهن ۽ سيڪر (سينڍ) تي ٻولڻ سيکاريندا آهن. ٻولي سکڻ بعد هن کي جهنگ ۾ وٺي وڃي دام سان ٻين تترن جو شڪار ڪبو آهي. مالڪ سان اهڙو هِري ويندو آهي، جو پڃري مان ٻاهر ڪڍڻ تي به جهنگ ڏي ڀڄي نه ويندو آهي. تتر ۽ ٻيو پکي  جو نالو ڳجھ آهي هن جو   سڀني پکين کان وڏو پکي ٿيندو آهي. هي تمام مٿي اُڀ ۾ پيئي اُڏامندي آهي. اُن جي نظر ڏاڍي تيز آهي. ڌرتيءَ تي ڪٿي به مئل جانور ڏسندي ته يڪدم لهي ايندي ۽ گوشت کائي اڇا هڏا ڇڏيندي آ.هي هن جا ٻه ٽي رنگ ٿيندا  آهن  جنهن جو مٿو ڪارو يا اڇو ٿيندو آهي، ان کي ” ڪاري ڳلي“ يا ”اڇي“ چئبو آهي
*سِرَڻ:  ڳجهه کان ننڍي ٿيندي آهي. آسمان ۾ پيئي اُڏامندي آهي. ننڍن ٻارن جي هٿن ۾ لولو، گوشت يا ٻي ڪا کاڌي جي شيءِ ڏسندي، ته اوچتو جهپو هڻي کسي ويندي. اُتانهن وڻن تي آکيرا ٺاهيندي آهي.
*باز: هي پکين جو بادشاهه آهي. ننڍن پکين جو شڪار ڪري کائيندو آهي. سنڌ ۾ ڪي ماڻهو پکين جي شڪار ڪرڻ لاءِ باز پاليندا آهن، مگر ٿر ۾ ڪوبه ڪونه پالي. هي جهنگ ۾ رهندو آهي.
*شڪرو ۽ هورهيو: هي به باز جي قسم جا ننڍيرا پکي آهن ۽ ننڍن پکين جو شڪار ڪندا آهن.
*ٻاڻيهو: هن کي تاڙو به چوندا آهن. برساتي موسم ۾ جڏهن ٻولي ڪندو آهي، تڏهن ماڻهو چوندا آهن ته هاڻي برسات ۾ دير ڪانهي، آئي ڪي آئي.
*ليلِي: ليليون جهنگ جي وڻن ۾ ٽپنديون ڪڏنديون وتنديون آهن. اُنهن جو پڇ بدن جيڏو ڊگهو ٿيندو آهي. هن جا آنا رنگ جا ساوا ٿين، جي ننڍن وڻن ۾ آکيرا ٺاهي لاهينديون آهن. سارو وقت ٽين – ٽين ڪري خوامخواهه گهڻو گوڙ ڪنديون آهن. وسڪاري جو ٻنين ۾ اُن پچڻ وقت گهڻو نقصان رسائينديون آهن.
*هُوڙيو: هن جو مٿو ۽ پڇ ڪارو، باقي بدن ميرانجهڙو اڇو ٿيندو آهي



No comments:

Post a Comment