Friday, June 3, 2016

🔷🔶🔷🔶خوبصورت بیت🔷🔶🔷🔶


تو مرڪي ڏٺو پي مٺي م
ڄڻ مينهن وٺو پي مٺي م
تنهنجي پير جي پايل ڇڻڪي ٿي
منهنجي ساھ جي ڏوري تڻڪي ٿي
تون انڊلٺ وانگي اُڀرين ٿي
۽ منهنجي دل ۾ اُترين ٿي
هڪ پل به نه مونکان وسرين ٿي
تون نيڻ خماريل وارين ٿي
ڄڻ لوڻ فٽن تي هارين ٿي
ڪئي راھ مسافر مارين ٿي
ڪو قياس نه دل ۾ ڌارين ٿي
ڪو ٻوڙين ٿي ڪو تارين ٿي
ڪو ساڙين ٿي ڪو ٻارين ٿي
تون ڪينئن حياتي گهارين ٿي
تون رات سونهاني چانڊوڪيءَ جو
ٻانهن پکيڙي سُمهندي آھين
وار وکيري سُمهندي آھين
خوشبوء کيڙي سُمهندي آهين
تارا ميڙي سُمهندي آھين
ديپڪ ڇيڙي سُمهندي آھين
آخر ٿڪجي آرس موڙي
يادون ويڙھي سُمهندي آهين
تيل هاڻو تڪيو تنهجو
ڳيتون ڏيئي ڳل چمي ٿو
مونکي توڏانهن سڪ ڇڪي ٿي
ڌيري ڌيري چنڊ گهمي ٿو
رولاڪيءَ ۾ باک فٽي ٿي
موتي موتي لڙڪ ٽمي ٿو
هر روز گڊيءَ جي ڀٽ مٿان
ڪا شام رقاصا ٿيندي آ
جنهن ويل هلي تون ايندي آن
هن عرش جي نيري گگن هيٺيان
ٿي خشبوء خشبوء ويندي آ
جنهن ويل هلي تون ايندي آن
تنهنجا رڌم رقص ۽ تال ڏسي
هرڻيءَ جهڙا ڇال ڏسي
جنهن محل جهڙاليءَ موسم جو
ڪا بوند به هلڪي پوندي آ
ناريل جا ڪئي وڻ پسن ٿا
ڇاتي به ڇلڪي پوندي آ
تنهن وقت سراپا شاعر جا
رونءَ اُڀا ٿي ويندا آھن
درد تباھ ٿي ويندا آھن
سور تباھ ٿي ويندا آھن

No comments:

Post a Comment