Tuesday, June 7, 2016

استاد بخاری

سنڌي شاعري تي خوش آمديد


سنڌي شاعري (Sindhi poetry)
Home Sufism poetry Sindhi Poets
استاد بخاري
1

،چانھ ڪوسي چڱي، آب ٿڌڙو هجي

چانھ ڪوسي چڱي، آب ٿڌڙو هجي
گرم جذبو هجي، نرم گفتو هجي؛

قول ڪيڏو حڪيمن جو سهڻو سٺو
جو به دلهير ٿئي تنهنجي لئه دوستو

عرق انگور جو، صوف تازو هجي
وقت جي رهبري، رهزني ريت جو

هي ته هر پريت کي هوندو آھي پتو
ڪاٿي نعرو لڳي ڪاٿي نخرو هجي

رنگ سارا سُٺا ڪي به ناهن ڪسا
نيڻ ناسي - عقابي، گلابي وڳا

غير ڪارو، ڦِڪو، يار ڳاڙھو هجي
زندگي حسن آ، تندرستي هجي

تندرستي به آجي ۽ سهنجي هجي
ڀر ۾ محبوب استاد ڀيڙو هجي


******
استاد بخاري


2

گيت

هير گهلندي وڃي
ماڪ پوندي وڃي
رات ٺرندي وڃي
ياد تنهنجي اچي
ننڊ ڦٽندي وڃي
ڇا ڪريان! ڇا ڪريان

چنڊ ڏاڍو وڻي
نيڻ مون ڏي کڻي
هانءَ ۾ چڪ هڻي
تانگهہ توڏي تڻي
.....ڇا ڪريان

ڳوٺ وارا سمهن
کيت، ٻارا سمهن
چنڊ، ٻارا سمهن
ياد تنهنجي اچي
سُور سارا اٿن
ڇا ڪريان

ڪانگ ڀت تي لنوي
گرهه هٿ مان ڪري
شل نه ڪا اک ڦري
ياد تنهنجي اچي
باهه ڀڙڪي ٻري
ڇا ڪريان

ساز وڄندا رهن
گيت نچندا رهن
درد دکندا رهن
ياد تنهنجي اچي
نيڻ ٽمندا رهن
....ڇا ڪريان

ڇو نه عيدون اچن
رنگ خوشيون رچن
محب موجون مچن
ياد تنهنجي اچي
ساهه ٿڌڙا کڄن
ڇا ڪريان، ڇا ڪريان ڇا ڪريان، ڇا ڪريان

******
استاد بخاري


3

هن دل کي بره بڇاڻي ڪو


هن دل کي بره بڇاڻي ڪو
شعلو نه سهي ٽانڊو ئي سهي

مان ڀانيان مونکي کي ڀائي ڪو
سهڻو نه سهي ڪوجهو ئي سهي

ها چاهيان ٿو ڪو چاه ڪري
دل سان نه سهي دوکو ئي سهي

ڪو مُرڪي مُرڪي شرمائي
سچ پچ نه سهي، نخرو ئي سهي

ڪو ڀر ۾‌ اچي دل پرڀائي
ڀوسو نه سهي گفتگو ئي سهي

ها پيار ته پنهنجي وس ناهي
همدردي جو جذبو ئي سهي

استاد جو جذبو ڳڀرو آ
توڙي جو پِنڊو پوڙهو ئي سهي

هو مون به مٺا هڪ پيار لڌو
ساڀيان نه سهي سپنو ئي سهي

*****
استاد بخاري

4

جانِ جانان بنان

سونهن سرخي ٻسي، تيل، ڪنگا ڪنان، جانِ جانان بنان
جانِ جانان بنان

ويس ورتا به مون، هار پوتا به مون، پريت پورهيو ڪري
ويس ڪارا ڪيان، هار ڇوڙيان ڇنان، جانِ جانان بنان
جانِ جانان بنان

مان لڇان پئي لڇان، مان پچان يا مچان، تن اَمِي سُمهه سُکي
ڇو ته ڏاجا ڏِمان، تو ته ناهن ڏنان، جانِ جانان بنان
جانِ جانان بنان

قسمتون، ڪوششون، همتون هجتون، دوستيون دشمنيون
هانوَ هڙني ڇنا، نانوَ ڪهڙا ڳنهان، جانِ جانان بنان
جانِ جانان بنان

پيار برسات آهي، بخاري لڳاتار برکا وسي
پيار خيرات ناهي، ڏيان يا پنان، جانِ جانان بنان
جانِ جانان بنان

(آستاد بخاري)

5

!ڇا ٿو ڀائين


منهنجي باري ۾ او سائين
ڇا ٿو ڀائين

توکان هڪڙو ڏينهن ڇڄان ٿو
ڏينهن انهي کي سال چوان ٿو
پر جي وڇڙي ورهَ لڇائين
ڇا ٿو ڀائين

تنهنجي درشن لاءِ سڪان ٿو
لک شڪرانا منهن ته ڏسان ٿو
پر جي پنهنجي ڇاتيءَ لائين
ڇا ٿو ڀائين

غيرن سان گڏجاڻي تنهنجي
جان جلي ٿي جاني منهنجي
پر جي تن جو کائين، پائين
ڇا ٿو ڀائين

واقف آ استاد بخاري
تو فرمائي دلڙي ٺاري
پر جي منهنجو يار سڏائين
ڇا ٿو ڀائين

(استاد بخاري)

6

محبت ۾ درياهه وانگي وهان ٿو

هٿين سکڻو ساحل جيان توڙي رهان ٿو
محبت ۾ درياهه وانگي وهان ٿو
نه سمجهين ته ناچيز، سمجهين ته سڀڪجهه
لهان ٿو ته سهڻا، گهڻو ئي لهان ٿو
تون منهنجي ضرورت، مان تنهنجي ضرورت
تون مونسان ٺهين ٿو، مان توسان ٺهان ٿو
تون مهراڻ مستي، مان هالار هستي
پرين تنهنجي پاڙي ۾ ريڌو رهان ٿو
بنا قرب ”استاد“ ڪک آهي ڪاتي
پرين پيار آهي ته پاهڻ سهان ٿو


****
استاد بخاري

7

..دل جي ڪاروبار جو هڪ قاعدو آهي


دل جي ڪاروبار جو هڪ قاعدو آهي
ڪيترو نقصان ٿي ته به فائدو آهي

عشق گھاڻي ۾ يا ڦاسي گھاٽ تي گرجيو
موت جي منهن ۾ مگر مانائتو آهي

جي مران، جيئان، مران جيئان سوين ڀيرا
هر دفعي تو سان وفا هي واعدو آهي

رعب جي گھر ۾ گھڻو پر ڪهڙي ڪم جو آ
قرب سچي جو ڪڻو ڪارائتو آهي

سونهن تي سچ تي ۽ سنڌ تي او امر شاعر
شعر تو جيڪو لکيو شانائتو آهي

تجلو ٿيو تارو کڙيو، تارو ڪِريو بس
زندگي ۽ موت اهڙو حادثو آهي

سنڌ ڌرتيءَ سان ۽ سرتيءَ سان بخاريءَ جو
ڪجھ بلالي ڪجھ لطيفي رابطو آهي

****
استاد بخاري

8

(نه ڪم نبريو نه غم نبريو (استاد بخاري

نه ڪم نبريو نه غم نبريو، جو نبري ويو سو دم هوندو
جو نِکري پيو سو سچ سمجهو، جو وِکري ويو وهم هوندو

تکوگهوڙو ڊُڪي ڪيڏو، نظر هَسوار جي اڳتي
زمانو تيز تنهن کان تيز تر، پنهنجو قدم هوندو

اسان جي شاعري کي انقلابي دور ۾ کڻجو
جڏهن هر لفظ پرچم، هر غزل اونچو عَلم هوندو

”تَشا“ واري لِڪل تقدير، نه تو سمجهي نه مون سمجهي
جي ڪجهه سمجهي ته هي سمجهي؛ عمل اَحسن اُتم هوندو

ڪا ڪِٿ ليلا ڪو ڪِٿ مجنون، ڪو ڪِٿ گهرجي ڪو ڪِٿ گهربل
ڪا ڪنهن جي لئه اهم هوندي، ڪو ڪنهن جي لئه اهم هوندو

بخاريءَ کي اوهان سڀني کان، يارو مان گهڻو ڄاڻان
ڀلو جي ڀائرن سمجهو ته، رهجي ويو ڀرم هوندو

(استاد بخاري)

9

(جيءُ جنهن کي چيم، (استاد بخاري

جيءُ جنهن کي چيم، جهڻڪ تنهن کان مليم
چوٽ ڏاڍي رسيم پر ڪيم درگذر
جان جن تي ڏنيم سي نه ڪانڌي ٿيم
چوٽ ڏاڍي رسيم پر ڪيم درگذر

ڪيس ڪيڏا ڪيئي حُسن جي انڌ تي
باهه ٻاري وڌءِ هانءَ جي هنڌ تي
غير جي پنڌ تي پير تنهنجا ڏٺم
چوٽ ڏاڍي رسيم پر ڪيم درگذر

پيار جي ڇانو ۾ ڪي ٻه ساٿي مليا
جون جي سج جيان ڳوٺ وارا جليا
خار کائي کِليا هي خبر جا ٻُڌم
چوٽ ڏاڍي رسيم پر ڪيم درگذر

ڪا به نازڪ بدن نوجوان نازنين
کنڊ جهڙي مِٺي، چنڊ جهڙي حسين
دلربا دلنشين جي ڏکاري ڏٺم
چوٽ ڏاڍي رسيم پر ڪيم درگذر

گيت جن لئه "بخاري" پڪاري لکيم
سي ڌتاري ڌتاري ڌڪاري ويم
نيڻ جن لئه ڀنم سي مٿان پئي کليم
چوٽ ڏاڍي رسيم پر ڪيم درگذر

(استاد بخاري)

10


...پيار، درياهه آ


پيار، درياهه آ، درياهه به لَٽجي ٿو وڃي
نيٺ انسان آ، انسان به مَٽجي ٿو وڃي

مان مڃان ٿو ته سڀين پارين سڄڻ سون آهي
هي غضب ٿيو جو سچو سون به ڪَٽجي ٿو وڃي

بعضي بندوق شڪاريءَ جي ڇُٽي ٿي پٺتي
جو ڦَٽي ٿو ڪڏهن پاڻ به ڦَٽجي ٿو وڃي

حُسن آ باز، مگر عشق وڏي آفت آ
مون ڏٺو آ ته ڪڏهن باز به جهَٽجي ٿو وڃي

چند هَٽندي ئي وڏي ويرَ هٽي ويندي آ
گهُورَ گهٽجي ٿي ته ”استاد“ به گهٽجي ٿو وڃي


***
استاد بخاري

11

..هڪ موت مئي جو ڀئو سهڻا


هڪ موت مئي جو ڀئو سهڻا ، ٻيو تو مان نٿو ٿئي ڍئو سهڻا
اهي ڀهڪيون ڳالهيون بخش ڪجاء مونکي محبت جو ٿئي مئو سهڻا

هڪ عمر ۾ توکي ڇا ڏسندس هڪ عمر ۾ توسان ڇا کلندس
مونکي عمريون هجن ها سئو سهڻا

هڪ موت مئي جو ڀئو سهڻا، ٻيو تو مان نٿو ٿئي ڍئو سهڻا
اهي ڀهڪيون ڳالهيون بخش ڪجاء مونکي محبت جو ٿئي مئو سهڻا


تولاء روئان چئين ٿو روئڻو، تولاء سڪان چئين ٿو سڪڻو
جيڪي چوڻو اٿئي پيو چئو سهڻا

هڪ موت مئي جو ڀئو سهڻا، ٻيو تو مان نٿو ٿئي ڍئو سهڻا
اهي ڀهڪيون ڳالهيون بخش ڪجاء مونکي محبت جو ٿئي مئو سهڻا
*******
استاد بخاري

12


محفل حسين تنهنجي تنهنجا حسين ماڻا


محفل حسين تنهنجي تنهنجا حسين ماڻا
هت مير پير آهن ناڻي بنا وڪاڻا

ڏاڍا وڏا شڪاري آيا شڪار ٿي ويا
آيا هئا خريدڻ خود بي مُلها کپي ويا

هي ڪاروبار تنهنجا ٿا نيڻ ڪن نماڻا۔
هت مير پير آهن ناڻي بنا وڪاڻا

اي ڪاش تو اچين هان مان ڪانگ ٿو اُڏايان
اهڙي جڳهه ڪٿي جو توکي کڻي ويهاريان۔

ڇاتي ڪيان وڇاڻو ٻانهون ڏيان وهاڻا
هت مير پير آهن ناڻي بنا وڪاڻا۔

هڪ ڳالهه هيء حياتي استاد وئي اجائي
ٻي سوچ زندگاني ستبار ٿي سجائي

هڪ پيار يار ڄاڻا ٻي ڪار ڪانه ڄاڻا
هت مير پير آهن ناڻي بنا وڪاڻا۔

*****
استاد بخاري

13


،جيوت جي سنگيتن جهڙي جهانجهه وڳي هڪ رات


،جيوت جي سنگيتن جهڙي جهانجهه وڳي هڪ رات
.رَڳ رَڳ ۾ پئي نينهن نچايو عمر سڄي هڪ رات

،جهولڻ جهومڻ، موجون ماڻڻ جي هُوءِ هڪڙي رات
.وڇڙي وئي پر چَمڙي وانگر، روح کي چنبڙي رات

،جڳ جڳ جا جذبات کڻي اهڙي ته لنگھي هڪ رات
.ويندي ويندي يار اسان جي عمر ونگي هڪ رات

،ڇا ته اڱڻ تي بادل، کنوڻيون کيڏيون ساري رات
.رِم جِهم رِم جِهم برسي مِٺڙي بوسن جي برسات

،ڏينهن تي آهي شينهن گجي ٿو، رات به ناهي سانت
.ڏيڏر، تِڏيون، چٻرا، چمڙا باتيون ڀانتين ڀانت

،ڏينهن تتو ڄڻ صبح ٿڌو ۽ ڀنڀ سُمهڻي باک
.چاهت آهه ته چيٽ لڳي ٿو پوهه ڪتي ويساک

********
استاد بخاري

14


،دل ته چوي ٿي جُڳ جُڳ جيئان، موت ڏياريان مات


،دل ته چوي ٿي جُڳ جُڳ جيئان، موت ڏياريان مات
!ڪاٿان او استاد بخاري، ايڏي آڻيان ڏات

.دل ته چوي ٿي پيار هجي ٻيو تنهنجي سونهن - سنوار
.موت وتي ٿي ڪاتيون لايون ڪاسائي جي ڪار

،دل ته چوي ٿي پيلو، نيلو گول بنايان لال
.جيئو جيئڻ ڏيو پي ۽ پياري ماريان مُونجهه ملال

،دل ته چوي ٿي پورب، پڇّم ورڇيان محبت مال
!ايڏو قُرب ڪمال ڪٿي، هي حاضر جهڙو حال

،مينگھ هجان ها، برسي برسي بَرّ ڪاريان ها باغ
.سج هجان ها، اونداهيءَ جا روز ڌئان ها داغ

،محبت ريءَ مزار "بخاري" محبت ساڻ بزار
!هڪڙي سونهن هجي سيني ۾، هُوندا هيج هزار

*****
استاد بخاري

15


اسان هون سپاهي، او ڀٽائي، تنهنجي سنڌ جا


اسان هون سپاهي، او ڀٽائي، تنهنجي سنڌ جا
درازيءَ جي ديس جا، سنائيءَ جي سنڌ جا

عزم عنايت سچ سگھارو، برک بلاول، حيدر پيارو
اِهي پيارا پيارا ماڻهو، پياري پياري سنڌ جا

ڪوٺَ ڪنائي پورهيت جاڳيو، جرئت جاڳي، رتَ ستَ جاڳيو
جاڳي پيا جيالا سارا، هاري ناري سنڌ جا

ڌرتيءَ ڄايا پيا گڏجي سڏجي، سچ جي سڏ تي پرچي سرچي
جوڙيون پيا نِڪورا خاڪا، آجي آجي سنڌ جا

سورج وانگي چمڪي سنڌڙي، جُڳ جُڳ ۾ جيئي سنڌڙي
هجن هر زبان تي نعرا، صبح، سانجھي سنڌ جا

جنت ڪاڇو ۽ ٿر آهي، ڪوثر منڇر، ڪينجھر آهي
وڻن ٿا نظارا ڏاڍا سُهڻي سُهڻي سنڌ جا

سنڌڙي جندڙي پياري پياري، عشق منجھان استاد بخاري
ويٺا گيت ٺاهيون ۽ ڳايون، مِٺي پنهنجي سنڌ جا

******
استاد بخاري

16


جيجل جھولي، ڏئي پئي لولي، سنڌي ٻولي، قومي ٻولي

جيجل جھولي، ڏئي پئي لولي، سنڌي ٻولي، قومي ٻولي

وڏڙو ٿيندين، وکڙون کڻندين
پهرين پهرين ڦڙهي پڙهندين
بي ٻي پي ڀي ٻاتڙي ٻولي، سنڌي ٻولي قومي ٻولي

ڀيڻيون توکي ٽوپِي وجھنديون
اَجرڪ آڻي، ٻوڪي ٻڌنديون
چوڏِس تنهنجي چمڪي چولي، سنڌي ٻولي قومي ٻولي


تنهنجي مامَن جي هيءَ ٻولي
تنهنجي چاچن جي هيءَ ٻولي
مٺڙي مٺڙي سولي سولي سنڌي ٻولي، قومي ٻولي

جرنيل ٿيندين، جوڌو ٿيندين
دريا خان ۽ دودو ٿيندين
گولي تنهنجي در جي گولي، سنڌي ٻولي، قومي ٻولي

وستي وستي واهڻ واهڻ
پهڻي پهڻي، پاهڻ پاهڻ
ساحل ساحل، ڇولي ڇولي، سنڌي ٻولي قومي ٻولي

گھوٽ ڀٽائي واري ٻولي
استاد آهي پياري ٻولي
ڌارِي کارِي گھورِي گھولِي، سنڌي ٻولي، قومي ٻولي

*********
استاد بخاري

17


تون هاڻي مون کي پيارنه ڏي

تون هاڻي مون کي پيارنه ڏي
مان راهه- مسافر يار آهيان
تون قرب وڌائي محبت جا
هي ڪُلف، ڪڙا، ديوار نه ڏي
مان هاڻ، هوا هسوار آهيان

تون پيار ٿو ڏين
جيون ٿو وڻي
هي جيون ڇا
هي جهور، مگر تَن، مَن ٿو وڻي
هي گلشن ڇا
هن گلشن جو ڪک پن ٿو وڻي

هن دُنيا جا
مونکي تنهنجي سونهن-سنوار جو سُنهن
ڌنڌا ٿا وڻن
هن دنيا جا
تنهنجي وارن جي وَر وَر جو قسم
ڦندا ٿا وڻن
هن گلشن جا
گؤنچ ته ڇا ڪنڊا ٿا وڻن
هن دنيا جا

هي تنهنجون اکيون، ابرو، پنبڙيون سڀ شاهد
بڙڇون، نيزا، ڀالا ٿا وڻن
هن دنيا جا
هي تنهنجا ڳاڙها مِٺڙا مِٺڙا لَب شاهد
طعنا، تنڪا، دڙڪا ٿا وڻن
هن دنيا جا

هن رياست جون
تنهنجي ئي ڪڙين، ڪنگڙين جو ڪري
سنگهرون ٿيون وڻن

هن خلقت جون
تنهنجي ئي ڳڻن، ڳالهين جي ڪري
تعديون ٿيون وڻن

تون مون کي ڪرڻ ديدار نه ڏي
اک پنڇيءِ کي
انهي پڃري جي ديوار نه ڏي
اک منهنجي کِلي، اک تنهنجي ڇُهي
تون گُهنڊ وجهي، اک ڇِڀندي ڇِڀندي، ڇِڙٻون ڏي
مان، جيءُ چوان
تون ڪنڌ ورائي، ڀُڻڪي ڀُڻڪي ڦوٽون ڏي
هٿ منهنجو وڌي، هٿ تنهنجو وٺي
تون ڇِرڪ ڀري، ڏند ڪرٽي ڪرٽي، هڪلون ڏي
ها محبت کي وِجهه کَڏ کڻي
ڪنهن ٿوهر، اَڪ جي دَڏ ۾ کڻي
هر نُڪتي تي انڪار ئي ڏي
جو ڏيئي سگهين آزار ئي ڏي
جيئن جيون کان بيزار ٿيان
ڇو ته موت- وَتوبيمار آهيان
۽ ”هَڻ-کَڻ“ تي هسوار آهيان

منهنجي جذبن جو احساس نه ڪر
ها مون تي ڪو ئي قياس نه ڪر
هِن جسم ڪڙيل تي ڪرم نه ڪر
ڪو روح ونگيل تي رحم نه ڪر
جا توسان واڻيل آهي تنهن
نَس نَس کي ڪَٽ، رڳ رڳ کي ڪٽ
جو توسان ڳنڍيل آهي تنهن
گس گس کي ڪٽ، دڳ دڳ کي ڪٽ
هن ساهه کي ڪو سهڪار نه ڏي
اتساهه کي ڪو آڌار نه ڏي
هر گُفتي تي ڌڌڪار ئي ڏي
ڏي چاهه کي هاڻي باهه کڻي
لاڳاپا سڀ لاهه کڻي
جيئن ــــ
تن من کان بيزار ٿيان
۽ جيوت کي ”ٽي لفظ“ ڏيان
ڇو ته موت-وتو بيمار آهيان
هن وقت ته مان
کڻي ڇا به ڪريان
مختار نه پر لاچار اهيان
*****
استاد بخاري

18



مڃان ٿو ديس دل کي، نئين ،سگهي رت جي ضرورت آ


مڃان ٿو ديس دل کي، نئين ،سگهي رت جي ضرورت آ

مگر رت کي وري ڀاڄي، ڳڀي، ڀت جي ضرورت آ

لُٽاشو، ميروڙو سنڌوءَ جو پاڻي پيا اسانکي ڏيو

اسان ڪاٿي پڪاريو آ ته شربت جي ضرورت آ

ڀڄي پئي چيلهه پر ماريءَ جي پر چوٽي چٿي ناهي

اڃا هن نانگ کي لَت جي مٿان لت جي ضرورت آهي

الائي ڪيتري ڪوشش کپي هڪ قوم ٺاهڻ لاءِ

جڏهن هڪ نظم جوڙڻ لئي به محنت جي ضرورت آ

قسم حق پاڪ جو، ان کان وڏو ٻيو ڪُفر ئي ڪونهي

اُتي انصاف چئجي، جاٿي لعنت جي ضرورت آ

غلامي ، غير، غم ڇاجا، غريبي، عرض ڪجهه ناهن

فقط هر عين ۾ هڪ غين غيرت جي ضرورت آهي

پُڇن ٿا  سنڌ ۽ سنڌين جي ڇو تسبيح پيو سورين؟

چيم: هاڻي پڇاڙي آ، عبادت جي ضرورت آ.

بخاري“ سنڌ، سنڌي ۽ سدا سنڌوندي دائم”

نه ڪوثر جي، نه حُورن جي ، نه جنت جي ضرورت آ

******************

No comments:

Post a Comment