Tuesday, June 7, 2016


ھي رات رڳو آھي سانجھي کان سحَر تائین
ساھن جو سفر رھندو ساجن سان سفر تائین

ھي روح تہ ھو تاڙو تون ڏور ڪڪر وانگي 
پھچي بہ ڀلا ڪیئن ھا ھي پیاس پلر تائین

تون ٿالھ ڀري گلڙا پوڄا جي لئہ نڪتین
ڪیڏي نہ ڦھلجي وئي سرھاڻ مندر تائین

واقف نہ ھئس آئون ڪنھن سخن طرازي کان
ڪي نیڻ وٺي آیا ھن ڏات نگر تائین

دردن جي طوالت جو ھڪ ھي بہ سبب آھي 
پھتي نہ ڪڏھن منھنجي ڪا آھ اثر تائین

چئو ڇا تہ ٻڌایان مان جیون جو سفر ڪھڙو
تنھنجي ئي پڌر کان ھو تنھنجي ئي پڌر تائین

مان پاڻ وساري ٿو خود نانءُ ڇڏیان چندر
اي یار سمائین ھا ایڏو نہ اندر تائین —

No comments:

Post a Comment